انڊيا آفيس لائبرري

انڊيا آفيس لائبرري: هيءُ اڳوڻي برطانوي وزارت هند جو عظيم الشان ڪتب خانو آهي. هيءُ ڪتب خانو پهريائين ”وائيٽ هال“ ۾ هو، هاڻي لنڊن جي ”بلئڪ فريئر روڊ“ تي نئينءَ عمارت ۾ آهي. 1947ع ۾ هن ڪتب خاني جو نالو ”انڊيا آفيس لائبرري“ رکيو ويو، هاڻي ان جو نالو ٻيهر بدلائي ”برٽش لائبرري“ رکيو اٿن. هن ڪتب خاني جو بنياد 1798ع ۾ ”برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ رکيو ۽ اِن ۾ پهريون ذخيرو رابرٽ اوم (وفات 1801ع) جا خط بنيا، جيڪي هن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي نذر ڪيا هئا. پوءِ آهستي آهستي ذخيري ۾ واڌ ايندي وئي. ڪجهه ذخيرا ڪمپنيءَ جي ملازمن کان خريد ڪيا ويا ۽ ڪجهه ماڻهن تحفي طور نذر ڪيا. انهن مان هڪ وڏو ذخيرو هندستان جي گورنر لارڊ ولزلي (1797ع- 1805ع) جو آهي. هڪ ٻيو وڏو ذخيرو هينري ٽامس ڪولبروڪ کان مليو، جيڪو سنسڪرت جو وڏو عالم هو. هندستان جي سرويئر جنرل سرڪاف ميڪنز پڻ تامل ۽ ٻين زبانن جا قيمتي مسودا هن ڪتب خاني جي حوالي ڪيا. 1870ع ۾ آرٿرڪڪ، ويدن جي باري ۾ مسودا ڏنا. هن ڪتب خاني ۾ ٽيپو سلطان ۽ مغل شهنشاهن جي ڪتب خانن جا ڪتاب پڻ موجود آهن. ”انڊيا آفيس لائبرري“ لاءِ جنهن ماڻهوءَ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو، اُهو سر چارلس ولڪنز هو، جيڪو 1806ع ۾ هتي لائبريريئن ٿيو. هن ڪتب خاني ۾ يورپي ٻولين کان سواءِ سنسڪرت، فارسي، هندستاني ۽ ٻين اوڀر وارين ٻولين جا ويهن هزارن کان به مٿي قلمي نسخا موجود آهن. انهن مان اڪثر پنن، کلن ۽ مختلف ڌاتن تي لکيل آهن. هن ڪتب خاني ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد اڍائي لک کن آهي، جن مان هڪ لک اسي هزار (1,80,000) کان وڌيڪ اوڀر وارين ٻولين ۾ آهن. ان کان سواءِ هٿ جون تصويرون، نقشا ۽ فوٽو به گهڻي تعداد ۾ آهن. 1843ع ۾، انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ، سنڌ جي برک ڪتب خانن مان ڪتابن ۽ قلمي نسخن جا نهايت ناياب ذخيرا ڦرلٽ ذريعي انڊيا آفيس لائبرريءَ منتقل ڪيا ويا. انهن مان بعض نسخن جي، دنيا ۾ فقط اها هڪ ئي ڪاپي هئي، جيڪا هاڻي انهيءَ لائبرريءَ ۾ رکيل آهي. محقق، سنڌ تي تحقيق لاءِ، ڳريءَ رقم عيوض انهن نسخن جون ڪاپيون حاصل ڪن ٿا، ڇوته اهي ناياب ذخيرا دنيا ۾ ٻئي هنڌ ڪٿي به نٿا ملن. هن ڪتب خاني ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي ڪتاب موجود آهن .هن وقت، هيءَ لائبريري، برٽش لائبريري جو هڪ حصو آهي، ۽ اُتي اورنٽيل سيڪشن جي نالي سان موجود آهي.


لفظ انڊيا آفيس لائبرريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو